اسٽيويا (Stevia)

اسٽيويا (Stevia)

اسٽيويا Stevia

اسٽيويا (Stevia): هن ٻوٽي جو تعلق ايسٽريشيا ((Asteraceae خاندان سان آهي. مٺو ذائقو رکندڙ هي ٻُوٽو عام طور تي Candy leaf/Sweet Leaf جي نالي سان پڻ سڃاتو وڃي ٿو. ھي ڪمند مان حاصل ٿيندڙ کنڊ جي متبادل طور ڪم اچي رهيو آهي. بنا ڪيلريز جي، مٺن پنن وارو هي ٻوٽو ھڪ ميٽر ڊگھو ٿئي ٿو. ٻوٽي جا گل اڇي رنگ جا ۽ پنن جي ڊيگهه 2 کان 10 سينٽي ميٽر ٿئي ٿي. ھن ٻُوٽي جا پن کنڊ جي مقابلي ۾، 10 کان 15 سيڪڙو وڌيڪ مٺا ٿيندا آهن. پنن ۾ موجود مٺي ذائقي وارا ڪيميڪل اسٽوائل گلائڪوسائڊس (steviol glycosides) سڏجن ٿا. اِهي ڪيميڪل خشڪ مشروبات ۽ مٺائين کي مٺو ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيا ويندا آهن. ھي ڪيميڪل، شگر ٽيبلٽ جي ڀيٽ ۾ 200کان 300 سيڪڙو وڌيڪ مٺو ھوندو آھي. ڪيلريز نه ھجڻ سبب رت ۾ موجود گلوڪوز جي سطح تي اثر انداز ناھي ٿيندو. هي ٻوٽو بلڊ پريشر کي به گهٽائيندو آهي. ڪئلشيم وڏي مقدار ۾ هوندي اٿس. ان ڪري هي ٻوٽو ڏندن کي جراثيم کان بچائيندو آهي، ان ڪري ٽوٿ پيسٽ ٺاهڻ ۾ به اُن جو استعمال عام آهي.
مٺي ذائقي وارو هيءُ ٻوٽو پھريون دفعو 1899ع ۾ سائنسدان Giacomo Bertoni Mose دريافت ڪيو ۽ ان جو نالو Eupatorium Rebaudianum رکيو. 1970ع ۾ جاپاني سائنسدانن پھريون دفعو هن ٻوٽي مان کنڊ حاصل ڪئي. هي ٻوٽو پاڪستان ۾ سوات، هنزا، چلاس، مالاڪنڊ، راولپنڊي، اسلام آباد ۽ فيصل آباد سميت سنڌ جي ڪجهه علائقن ۾ هاڻي تجرباتي طور پوکيو پيو وڃي. 20O کان 30 OC جي وچ واري گرمي پد تي، هيءُ ٻوٽو سُٺي نشونما حاصل ڪندو آهي. ھي ٻوٽو ذيابيطيس جي مريضنِ لاءِ فائديمند آهي. اڄڪلھه هن ٻوٽي مان ٺاهيل زيرو ڪئلريز واريون گوريون، کنڊ جي متبادل طور وڏي پئماني تي استعمال ٿي رهيون آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو